مڌ سان لاڳاپيل شاعري

مڌ ڪٽوريون تنھنجون مُرڪون، چپ به تنھنجا چاش،
آخر ڪا ئي ڳالھه ته ھئي! جو پاڳل ٿيو آڪاش.

آڪاش انصاري

او مڌ ماتا، ھوريان هل،
منزل آهي هر هڪ پل

شيخ اياز

ترسي ٺھي جڙي ۽ وڏي احتمام سان
مڌ واپرائي ھوندي اوھان جي ئي نام سان

تاج بلوچ

منھنجي مَڌُ کي ميرو سمجھي، ٿُڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ
تنھنجي مَنَ کان ميرو ناھي، ھَٿ رکي ڏِسُ ھانءُ

شيخ اياز

آھيان آءُٗ اُساٽ َ، تنھنجي مَڌُ جي ، او ميان،!
تو سا ڪوءِ ڪَلال جي،جنھن مان منھنجي واٽ،
تو کان ٻاھر ٻاٽ ، تو تائين آ سوجھرو.

شيخ اياز

مئڪشي خيال هو، ڪمال هو!
مڌُ ھو، ڪلال هو، ڪمال هو!

عزيز سولنگي