منصور سان لاڳاپيل شاعري
وري تاڻي بندوق بيعت گهرن پيا
نئون ڪو ته عاشور لکجي پيو ٿو
وري دار رونق گهري وحشتن کان
لڳي ٿو ڪو منصور لکجي پيو ٿو
آصف جوڻو
سَپَتِ پَچَرَ پِرينءَ جي، سَڀَتِ هُوت حُضُورُ،
مُلڪُ سڀُ منصور، ڪُهي ڪُهيا ڪِيترا.
خواجہ محمد زمان
مڙس ٿي منصور چئو، نہ تہ ڪيم چئو منصور ھان
احوال سڀ اسرار جو، عشق کي آھي آيان
منصور جي منزل اتي، ڏاڍا تماچا تھمتان
سگھہ نہ جي ساري سگهين، منھن رکين تنھن تي متان
سچل
ڪا نه گونجي انا الحق سندي ڪا سدا
لاش لڙڪيو نه آ اڄ جي منصور جو
جي نه موسيٰ ڪا تجلي ڏسڻ ها گهري
ڇا ذڪر ڪو ڪري ها ڪڏهن طور جو؟
آصف جوڻو