چنڊ سان لاڳاپيل شاعري

سڄي رات ڪتا، ڀونڪيا چنڊ تي ھا
زرو ڀي نہ گھٽ، ان جي روشني ٿي

شيخ اياز

تو ڇا ته ڏٺو آ اربيلا،
اي چنڊ ٻُڌا هِن ويڙهي ۾!
ڪنهن ذلف ورايا شامن جو،
ڪنهن وسڪارن جي چيچ جھلي؟

ايوب کوسو

ھو سمنڊ ڪناري تي، ڪلھہ چنڊ ڏسڻ آئي
ھڪ چنڊ تماشو ھو، ھڪ چنڊ تماشائي
نيڻن جي نھارن سان، ھن چنڊ جھولايو پئي
پنبڻين جي ھندوري ۾، ھن رات پئي جھومائي

عبدالغفار تبسم

چنڊ ٿو ڪنهن کان لڪي
ڇيڳري ڇوريءَ جيان

بخشڻ مهراڻوي