سونھن سان لاڳاپيل شاعري

ڏاڍي ٿڌي پر ڏاڍي ڏُکي پڻ،
تون ڄڻ گورک ٽڪري آهين.
روز هوا جو رقص ڳلين ۾،
سونهن سُروپ جي نگري آهين.

عزيز ڪنگراڻي

ھر ڪا چوٽ لڳڻ کان پوءِ مون ھر ڀيري پڇتايو آھي
پوءِ بہ سونھن سزا ڀوڳڻ لئہ، مون کي پئي ھرکايو آھي

راشد مورائي