لڙڪ سان لاڳاپيل شاعري
توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
اياز گل
لُڙڪَ ڳلن تان رات ڳڙيا جي،
پِرهَه ڦُٽي جا ماڪَ ڦُڙا سي.
سِجَ ڪيو اعلانُ صبح جو،
مُکڙيون بڻجي گُلَ ٽِڙيا ڪي.
نصير سومرو