جيل سان لاڳاپيل شاعري

پيئي مون پرک، جيل جاٽيندي جيڏڙا
زندانن ضمير کي، لوڏيو ڀيرا لک
اُڏريا ڪانا ۽ ڪک، جبل پنھنجي جاءِ تي

ابراھيم منشي

مون جي گھاريا جيل ۾، ڏکن ڀريا ڏينھن
تن ئي منھنجو نينھن، نکاري نئون ڪيو

ابراھيم منشي

جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو

ابراھيم منشي

جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو

ابراھيم منشي