وقت سان لاڳاپيل شاعري

وقت هر پل ڏنگيو بلا وانگي،
حوصلو ماءُ جي دعا وانگي،
ننڊ جو وير ڄڻ ته ڪاريهر_
درد اوڙهي ڇڏيُم رِدا وانگي.

عزيز ڪنگراڻي

وقت! تنھنجو ھي ورتاءُ، واجب نه ھو،
گھايلن تي نئون گھاءُ، واجب نه ھو،

آڪاش انصاري

وقت جيڪو زندگي آ
ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي
تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين
روڪ جي روڪي سگهين

شيخ اياز

گهڙيال وڳو، يا وقت ڀڳو
روپوش ڏوهاريءَ وانگر

شيخ اياز