وطن سان لاڳاپيل شاعري

ڇڻيو جو زرد پن آهي نه ان جو ڪو وطن آهي۔
نه ان کي رت جياريندي ، نه ان جو ڪو چمن آهي۔

آصف جوڻو

جي ويڙھه لاء اُپاءُ ٿيندو
ته پوء وطن جو دفاع ٿيندو
جي سيني سامھون جي گهاو ٿيندو
ته پوء وطن جو دفاع ٿيندو

آصف جوڻو

پاڻ ۾ مھڪيون ڳليون، پاڻ ۾ مرڪيو وطن
پاڻ لاءِ ميھڙ اندر، ڏار مينديءَ جيئن وطن

خليل ڪنڀار