شراب سان لاڳاپيل شاعري

اسان جڏهن ڀي قرار ڳوليو،
اداس چهرن ۾ پيار ڳوليو.
نگاهَه تنهنجي شراب خانو،
اسان اجايو، خمار ڳوليو.

ساجد سنڌي

گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب
الصبّوح الصبّوح يا احباب

شمس الدين بلبل

مِهنگي شَرابَ جهڙي هُئي دوستي اسان جي،
جيڪا تمام ٿوري ناڻي ۾ هُئي وڪاڻي.

روبينہ ابڙو

قدم قدم تي ھجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارشِ مئہ، خمار آلود ٿيا زمانا

شيخ اياز

ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ
پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ
ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا

اعجاز شاھ راشدي