دنيا سان لاڳاپيل شاعري
پــڳ لاهـي پــوچــو ٻـــڌرائـڻ،
سِــرُ ڦـاڙي سُــرمـو پـــارائـڻ،
هـئـه دنـيا تـنهنجي هـمدردي،
رت رئــــاري رُئــــاري پـــرچـائڻ،
استاد بخاري
مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي،
پر دنيا ڪوئي ڄارُ هيو ۽ ڄارُ به ڪو اهڙو تهڙو!
مسرور پيرزادو
ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون بہ رھہ، مان ڀي رھان
آڻ من ورتيءَ ۾ ڦيري، توبہ رھہ، مان ڀي رھان
ڪشنچند بيوس
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو! ارتقا رڪجي نٿي
زندگي جي آرزو ۾ جستجو ٿڪجي نٿي
ساٿيو، سندرا ٻڌي، ھلندا ھلو، وڌندا ھلو
پاڻ ڇو بيھي رھون، دنيا جڏهن بيھي نٿي
استاد بخاري
سمونڊن جي قبـضي ۾ صحرا اٿَوَ،
پُـهاڙن جـي گـهـيـري ۾ دريــا اٿـوَ،
اڏامون ٿـا ڪيڏو به، آفــاق آَڏو،
وڏو ڄڻ ته پڃـرو هي دنـيـا اٿـوَ،
استاد بخاري