م

منصور قادر جوڻيجو

موت

پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ

- منصور قادر جوڻيجو
سنڌ

جڏھن ھت ڪو ڌرتي ڌڪاريو نہ ھئو تڏھن سنڌ ڌرتيءَ جون سارون ھيون جڏھن ڪو بہ ڪانئر نہ ھو ڪرم ۾ تڏھن ھت ھنجن جون اڏارون ھيون

- منصور قادر جوڻيجو
چارڻ

جتي چنگ چارڻ وڄايو ھوندو اتي سر ڏنو ڪنھن اڌارو نہ ھوندو

- منصور قادر جوڻيجو
خدا

خدا ڪنھن جي محلن نہ ماڙين ۾ ھوندو جي ھوندو تہ پکڙن پراڻن ۾ ھوندو خدا ڪنھن نہ ڪورٽ نہ ٿاڻن ۾ ھوندو جي ھوندو تہ ٿاڪن ٺڪاڻن ۾ ھوندو

- منصور قادر جوڻيجو
خدا

خدا ڪال ڪوٺين، نہ قيدن ۾ ھوندو جي ھوندو اسان جي اميدن ۾ ھوندو خدا ڪين جڪڙيل زنجيرن ۾ ھوندو جي ھوندو تہ انسان ميرن ۾ ھوندو

- منصور قادر جوڻيجو