Under Development

HelloSindh is currently being updated. Some features may be temporarily unavailable.

م

مسرور پيرزادو

پيار

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو! ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو! ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واسُ هيس، ڇا انگ هُيس! هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!

- مسرور پيرزادو
دنيا

مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي، پر دنيا ڪوئي ڄارُ هيو ۽ ڄارُ به ڪو اهڙو تهڙو!

- مسرور پيرزادو
عشق

موت سان فوت ڪين ٿيندس مان، عشق جو ڪو شهيد آهيان مان.

- مسرور پيرزادو
اميد

نااُميدي اُميد آ مون لئه ايترو پُر اميد آهيان مان

- مسرور پيرزادو