مظهر لغاري جي شاعري

تون وئين ولايتن ۾، تنهنجي سري پئي آ،
هڪڙي اداس عورت، من ۾ مري پئي آ

مظهر لغاري

نموريون نم تي آيون ته جهرڪين سان جنجهي پئي آ
۽ دل جي ليار جي ٽاري ڪٿي خالي پئي آهي

مظهر لغاري

پرين چپن کي چئي ڇڏ متان سڏين اهي
رڳو مُڙي به ڏٺو سين ته مات ٿي ويندي

مظهر لغاري

پيار ڪِوِلين سمان ماڻهن کي مليو
ڄڻ ته پٽ تي ڪريل مٺائي هئي

مظهر لغاري