ر
راشد مورائي
حسن
گهم باغ حسن ۾، ڪري گلڙن جو احترام واجب عشاق طبع تي، سھڻن جو احترام
- راشد مورائي
سونھن
ھر ڪا چوٽ لڳڻ کان پوءِ مون ھر ڀيري پڇتايو آھي پوءِ بہ سونھن سزا ڀوڳڻ لئہ، مون کي پئي ھرکايو آھي
- راشد مورائي
عشق
محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي
- راشد مورائي
غداري
ميدانن مان وئين هليو، کائي ڀاڙ ڀَڄي؟ جي تو غداري نه ڪئي ڇو ٿيئي اک لَڄي؟ سچي ڳالھ سَڄي، سُڻائي مون ساٿ کي.
- راشد مورائي