س
سرور نواز
علي
ساڏا شان تي ايمان علي اي جنھن تي راضي رب رحمان، علي اي ڪو مني نا مني او ٻگهيا ”سرور“ رب رسول ٻاجھون، شارحِ قرآن علي اي
- سرور نواز
علي
پاڪائي جو نمونو، راتيون عبادتن ۾ ذڪرِ خداونديءَ جو، قائل علي ولي آ
- سرور نواز
حسين
حج عُمري ۾ تبديل ڪري جو وطن ڇڏيو آ مولا حسين پنھنجي ڪکڙن کي خدا حافظ چئي ڪجھ ھو، جو لڏيو آ مولا حسين
- سرور نواز
صوفي
صوفي مڌ جا پيالا رھندا عشق جا ڪي تہ حوالا رھندا محبت جڳ ۾ باقي رھندي ڪوڙا ڪين ڪشالا رھندا
- سرور نواز
عشق
عشق اسان وٽ لعل قلندر جھولي جھومي تن من اندر
- سرور نواز
پيار
پرين پيار تنھنجي ۾ ٿياسين مسافر وتيسين، سکن کي ڇڏي واٽ وندر نہ سونھون آ رستو، نہ ساٿي نہ سنگتي ھلون پيا سھاري، ڀٽائي، قلندر
- سرور نواز
پھرو
اسان جي پيار تي پھرا، دلي دلدار تي پھرا رکي موقف سگهان پنھنجو، اھڙي اظھار تي پھرا
- سرور نواز