ھڪ سپنو جنھنجي ساڀيان خاطر
پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل
سوين سپنن کي گھُٽا ڏئي اسان ماريو آ
پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جيئاريو آ
آڪاش انصاري
گل فروش ھن سارا، باغبان ڪو ناھي
ھن اُجاڙ نگريءَ تي مھربان ڪو ناھي
رت آ لڳل ڀت تي ۽ وڍيل ڪي عضوا ھِن
پر پڄائيُ قاتل تي، سو نشان ڪو ناھي
دادن ثقلين لاشاري
صبح جو سمنڊ جي ڇولين ۾
ھڪ لاوارث لاش ترندو آيو
ان رات ڪنھن مجبور عورت کي
جڏھن ڪنھن عياش ھو کڻايو
منور سلطانہ
تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند،
هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.
حليم باغي
گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي
مون کي اِئن آڇيندو آهي،
پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي
ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.
شيخ اياز
حُسين ابن عليءَ کي شھيد ٿيڻو پيو،
خدا جي راھ ۾ انصاف کي به مرڻو پيو:
فلڪ کي ظلم جو ھي اھتمام ڪرڻو پيو،
قضا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو.
شمشير الحيدري