مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس
جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس
راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس
اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا
ابراھيم منشي
آءُ، ڀٽائيءَ آءُ،!تنھنجي کِھَ منھنجيون اکيون،
ڏِس،!مون تنھنجو ڪينرو،ڀوريو ناھي ڀاءُ،!
ساڳيو جوڳَ جڙاءُ ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.
شيخ اياز
مُحبت جون چٺيون ٻَڌي
ڪبوتر اڏايون پيا
ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘!
مِڙئي ڌوڙ پايون پيا
وفا ناٿن شاھي
عجب ٿي ملڪ جي آزادي ۽ عجيب نظام
بشر بشر جي اڳيان ٿو ڪري قيود و قيام
اهو جي حال ٿيو آزاد ملڪ جو همدم
ته سوچ ڪهڙي مصيبت ۾ هوندا ملڪ غلام
تنوير عباسي
رستن جي ويراني مون ڏي گهوري ٿي
هر شئي مان حيراني مون ڏي گهوري ٿي
ڪيڏو وقت لڪل آ کَل جي گهنجن ۾
پوڙهي جي پيشاني مون ڏي گهوري ٿي
سعيد ميمڻ
جنهن جي واٽ اُڃايل آهي
پاڻيارين جي پياس جيان
ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان
ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان
شيخ اياز
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.
روحل فقير
راتِ آهي اُماس، رُوحُ آهي اُداس
آھي ڏاڍي پياس، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
نفرتن جو نگرُ، بَند مسجد جو درُ
ڇو ٿيون دَربدر، هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
امداد حسيني
ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟
سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟
هر عورت جي فطرت ساڳي
پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟
وفا ناٿن شاھي