ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ
اسين پاڻ اُتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ
پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون

حمل فقير

پاڇي وانگر پويان منھنجي، موت بہ مون سان آھي ساڻ
پوءِ بہ ان جي لاءِ جيان پيو، جنھن جي مونکي ناھي ڄاڻ

منصور قادر جوڻيجو

پاڪائي جو نمونو، راتيون عبادتن ۾
ذڪرِ خداونديءَ جو، قائل علي ولي آ

سرور نواز

رت تَنهنجي ۾ سندس رتّ رِلي ٿي پيئي
ٻار کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي

شيخ اياز

ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري
ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري

ابراھيم منشي

تو جا سمجھي سِٽَ،سا آھي ڪاتيءَ ڪوٺَ،
ڳائي ڳائي ڳوٺ َ، ڪُھندو ويو ڪِينرو.

شيخ اياز

تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان
جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾

وفا ناٿن شاھي

توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري
توکان پوء ڪير اسان جي، سپرين لھندو سار
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري

اياز گل

ڪڙو چوان ڪيئن، موکي ھٿان جو مليو
ويھ ويترو تيئن، جيئن جيئن ترو ويجھڙو

شيخ اياز

اچڻ منھنجو وڃڻ تنھنجو، مرڻ منھنجو ، وڃڻ تنھنجو
ستمگر ٿي ستم ڪر تون، پيو سھندس سڄڻ تنھنجو

ابراھيم منشي

متاري جي ماءُ، ڪنھن متارا ماريا
اڃان جن جو گهاءُ، چڪي پيو چت ۾

تاجل بيوس

تون ته بيدرد، بيقدر آھين!
جيءَ ۾ پوءِ به جلوه گر آھين.
پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“
ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين.

آڪاش انصاري