اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾.
ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾.
حليم باغي
وقت جيڪو زندگي آ
ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي
تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين
روڪ جي روڪي سگهين
شيخ اياز
چنڊ لڪائڻ واجب ناهي
منهن تي آيل وار پري ڪر
بدليل آھي تنهنجو لهجو
وڇڙڻ جا آثار پري ڪر!
سليم سھتو
ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ –
فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ،
جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ،
حق مـڙسي سـان ڇـِنـي وٺـبـو آ،
استاد بخاري
اُميدون انبار، مارو کڻي من ۾
ٻُڌندڙ کي ٻڌائيون ٿي، سورن سماءَ چار
ماندو سدا مدد لئه، پنھنجي پھچ اَھار
بانڪي کنيا بار، سانگين سوراتن جا
ابراھيم منشي
مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس
سنڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس
هي، ڦُرون، اغوا، قتل غارتگري
رئيس ۽ ڌاڙيل جي ياري ته ڏس
مشتاق ڦل
مڌ اکين مان، چپن مان ڪوثر ڏي
هن دفعي هر دفعي کان بھتر ڏي
برف جي ڏيھ جو مان ماڻهو هان
باھ جھڙو گرم ڪو ڀاڪر ڏي
آصف جوڻو