نه جنت جون خواهشون دل ۾،
نه جهنم جون دهشتون دل ۾،
لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ،
بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.
عزيز ڪنگراڻي
جو زھر پيتو ھو سقراط ڪنھن زماني ۾،
گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو:
حيات جنھن جي طلب ۾ رھي ٿي سرگردان،
اھو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.
شمشير الحيدري
پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.
حليم باغي
لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ،
جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز-
زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.
عزيز ڪنگراڻي
اڳيان ھن سيف ابرو جي، لکين ڌڙ سر جدا ٿي ويا
حواس و ھوش پسپا ڪئين، ھنر حيلا خطا ٿي ويا
اعجاز شاھ راشدي