راتِ ھُو ڀِي حَدُون سَڀ ڪَري وَئي عُبُور!
جسمُ تَوريت هَو رُوحُ ھَو ڄَڻ زَبُور!

ساجد سومرو

نه جنت جون خواهشون دل ۾،
نه جهنم جون دهشتون دل ۾،
لمحي لمحي سٿيل رهيون سچ پچ،
بس امڙ جون ئي محبتون دل ۾.

عزيز ڪنگراڻي

اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.

شمشير الحيدري

پڙهو! نِرڙ جون ڪجهه ريکائون چون ٿيون،
ننڍيءَ عُمرِ جا ٿا، لڳن ٻارَ سٺَ ۾.

نصير سومرو

ڪٿي ڌاڙيل ھئا ڌن جا، ڪٿي تن جا ڪٿي من جا
اياز اڄ دانھن ڏيون ڪنھن کي، ساري سنڌ گھيرو آ

شيخ اياز

سبحان تنھنجي صورت، قربان حسن وارا
اللہ ياد ڏياريئي، احسان حسن وارا

اعجاز شاھ راشدي

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون

شيخ اياز

جو زھر پيتو ھو سقراط ڪنھن زماني ۾،
گلن جي ماڪ، ستارن جو نور بڻجي ويو:
حيات جنھن جي طلب ۾ رھي ٿي سرگردان،
اھو ئي وقت جو دل جو سرور بڻجي ويو.

شمشير الحيدري

پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي،
جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

حليم باغي

پيار ڏئي پو پيار گھرين ٿو،
حيف ھجئي استاد عاشق ناھين,
شايد آھين يار وڏو واپاري.

استاد بخاري

لوڪ پُهتو ڪفن ڏيڻ کانپوءِ،
تون نه آئينءَ دفن ٿيڻ کانپوءِ،
جي اچين ها ڪيان آجيان ها عزيز-
زندگيءِ جي مان سج لهڻ کانپوءِ.

عزيز ڪنگراڻي

اڳيان ھن سيف ابرو جي، لکين ڌڙ سر جدا ٿي ويا
حواس و ھوش پسپا ڪئين، ھنر حيلا خطا ٿي ويا

اعجاز شاھ راشدي