پيار پکيءَ جئن ايندو آهي
آکيرو به اَڏيندو آهي
روهه مٿان روها کيءَ وانگر
پو به اُڏامي ويندو آهي

شيخ اياز

ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾
ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾
ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري
پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾

ابراھيم منشي

پيرَ ڪَڙين، ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.

شيخ اياز

صوفي مڌ جا پيالا رھندا
عشق جا ڪي تہ حوالا رھندا
محبت جڳ ۾ باقي رھندي
ڪوڙا ڪين ڪشالا رھندا

سرور نواز

متاري جي ماءُ، ڪنھن متارا ماريا
اڃان جن جو گهاءُ، چڪي پيو چت ۾

تاجل بيوس

ساقي ڏي شراب سو، جيڪو ھجي ھستي ٽوڙ
پيئڻ سان جزوي عقل کي، وجھي نڪ ۾ نوڙ
ڏي ڪو تيلي ٻوڙ، جيڪو نشا چاڙھي نيھن جا

اعجاز شاھ راشدي

مان سڻايان، سُڻين سڙي نه پوين.
هي قصو باهه جو حصو آهي.

استاد بخاري

سڀ ڇڏيائون سانگ، ڪندا ڪوھ نماز کي
جيڏانهن عالم آسرو، تيڏانهن ڪن نه تانگهه
نڪي ڀرين ڪلمو، نڪي ٻُڌن ٻانگ
لاهوتي بي لانگ، عدم کان اڳي ويا

بيدل

جنهنجو ڪو جواب، هو نہ جڳّ ۾
اھڙو ڪو سوال هو! ڪمال هو!

عزيز سولنگي

نااُميدي اُميد آ مون لئه
ايترو پُر اميد آهيان مان

مسرور پيرزادو

مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس
جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس
راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس
اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا

ابراھيم منشي

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.

روحل فقير