ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾
ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾
ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري
پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾

ابراھيم منشي

دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي
ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي
ڪيتري نه خوشبو آ
ڄڻ ته رات سانوڻ جي

شيخ اياز

موت جي بستر تي ھر آشنا ستل
زندگي گذري ٿي ھڪ بيمار جان

وفا ناٿن شاھي

منهنجو من هيکلڙو پنڇي
اُڏري اُڏري ٿڪجي پيو آ
ڄڻ آڪاس ۾ ڪوئي تارو
ڪاري جهُڙ ۾ رهجي ويو آ

شيخ اياز

سر ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه
هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ
وحدت جي وهانہ، جي وئا سي وڍئا

لطيف

جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا،
جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا،
جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

آڪاش انصاري

آڌيءَ رات اُداسُ،اُن تي آرتيون آڱريون،
ماڻھوءَ ماڻھوءَ ماسُ،ڪوري آيو ڪِينَرو.

شيخ اياز

تو ڪئي توکي ڦٻي، مومل اھا مزاق
ھاڻي تنھنجي اوطاق، مور نہ ايندو مينڌرو

لطيف

ڪو پيار دولابن جو ڏنگيل
ڪو غم گفائن ۾ گم ٿيل
ڪنهن دريا ۾ ٽپو ڏيندو آ
ايئن الائي ڇو ٿيندو آ

ڊاڪٽر سلمان علي

ساقيءَ سارو سُرُ سمجھايو- گيت ان الحق ڳائڻ جو
ھڪدم حال حلاج ھلائي- سوريءَ سِرُ سلائڻ جو

مھدي سائين

تکي کڻ ترار - مڏيءَ ماس نه وڍجي
ڪڍي اڳ ڪاٺوڙ کان، مانگر جهڙو مار
ڏيهن کي ڏيکار - ته مرندا ناهن مورڙا

تاجل بيوس

اکيون به باندي رڳون به باندي،
پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ،
اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.

حليم باغي