ڪي کوڙ چريا ماڻهو رستي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هوندئي
اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هوندئي

مشتاق ڦل

ڪنھن جي لاءِ ڪُماچ،صديون رھيو سانت ۾،؟
سارو ڏيھ ڏياچ ، مڱڻو ڳوليو ماڻھوءَ.!

شيخ اياز

ياد اُداسي تنهائي
زندگي مسلسل ڄڻ ته
ڪنهن وئشيا جي رُسوائي

ڊاڪٽر سلمان علي

تلخ کان تلخ حالتُن کي هارايُم،
پنهنجن هٿان هار کائي وِيُس.
دُشمني شَهه ڏَئِي سگِهي نه ڪڏهن،
دوستي ۾ ئِي مار کائي وِيُس.

عزيز ڪنگراڻي

انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي
نه فردوس بهتر، نه باغ عدن،
جڏهن ڪُن چيائون اسان کي ملي
اِهائي ته ڌرتي، اِهو ئي ته ڌن.

شيخ اياز

آيو المناڪ، واقعو ويڙھيچن تان
جھانگيئڙن جھوري وڌو، فاضل جي فراق
ڪيڏو منجھند ٽاڪ، ڪاڙھو رھيو قوم ۾

ابراھيم منشي

اهڙو ڪو انڌير، سرتيون، جهڙو سنڌ ۾
پِر نه پائي پيرُ، پَرڪيائين پنهنجو

شيخ اياز

مئڪشي خيال هو، ڪمال هو!
مڌُ ھو، ڪلال هو، ڪمال هو!

عزيز سولنگي

متان ڊڄين موت کان، موت نه آھي موت
جِيءَ جنين جي جوت، سي جسم ري جيئرا رھيا

ابراھيم منشي

ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل
نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي

وفا ناٿن شاھي

اسان تہ تنھنجي بدن مان پنھنجو
حسين ڪيڏو وطن تراشيو
ھوا ۾ تنھنجو رئو اڏاري
اسان تہ پنھنجو گگن تراشيو

خليل ڪنڀار

ڪاٿي آ قـوم سنـڌي، قـومي زبان ڪـٿي آ،
ٽي وِي اسان جي اڌمن جـو ترجمان ڪٿي آ،
تـاريخ جــو جبر ٿـو طـعنو هڻي پڇـي پـيو،
آزاد قــوم، تـنهنجو اوچــو نـشـان ڪٿي آ،

استاد بخاري