گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي
مون کي اِئن آڇيندو آهي،
پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي
ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.
شيخ اياز
ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
”بـخـاري“ کــان دوکـو، نه ٿـيندو نـه ٿيـندو،
مـلـهـائـي نـه جـو ٿـڃ جـيـجـل جـي لـوڪو،
اهـڙو ڪـو بـه ٿـوڪـو، نـه ٿـينـدو نه ٿيـندو،
استاد بخاري
سچ پچ ته سر ۽ ساهه کـان آهي پيـارو –
هـي ”امـن و امـان، امـن و امـان“ جو نعرو.
ظـالـم نه ٿـيو، ۽ ٿـيو مـظـلوم مــتان!
جـو تـنگ ڪري، جـنگ ڪريــو او يـارو“
استاد بخاري
تـقدير ڏيـڻ سـاٿ نه ٿـي پـئـي چـاهـي،
تـدبـير به ظـاهـر ته بـچي ئـي نـاهـي.
تـوڙي جـو اڳـيان بـاهه پـٺيان پـاڻـي آهه،
پـر، واهه جـو ”امـيد“ به ڪا شـيءَ آهي!
استاد بخاري
شــاعــر ســــــــوچيو؛ واڪـــا ٿـيندا،
وڻ – وڻ وڄـندا، پـک پـک اڏُنــدا،
جنگي گيت تي ڪنهن کي سُڌ هئي،
نـاچــــــو بـنجــــي نــينگـر نـچـــندا،
استاد بخاري
نئون هي جو دستور لکجي پيو ٿو
اسان لئه نئون سور لکجي پيو ٿو
قلم آ جلادن جي هٿ ۾ اچي ويو
غلامي جو منشور لکجي پيو ٿو
آصف جوڻو
جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي،
هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.
حليم باغي