ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ
اسين پاڻ اُتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ
پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون

حمل فقير

مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا
لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي

ابراھيم منشي

قومي غيرت واري جذبي کان خالي ڪردار
مان سمجهان ٿو سي ئي ماڻهو بزدل ۽ بيمار

مشتاق ڦل

چنڊ! تون چئجان پرينءَ کي ايترو،
مدتن کان من اندر ماتام آ.
ڪيئن پرچايون ڀلا ھن پياس کي،
ھن ملڪ جو ھر ميڪدو ويران آ.

آڪاش انصاري

بَندِ آھي مئڪدو محلاتِ جو، اَڌِ راتِ جو؛
شورُ ٿيو ڏاڍو ڳَليءَ ۾ راتِ جو ،اَڌِ راتِ جو.

روبينہ ابڙو

جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا،
جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا،
جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

آڪاش انصاري

جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو

ابراھيم منشي

ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري
ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري

ابراھيم منشي

وقت جيڪو زندگي آ
ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي
تون اُنهي کي، ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين
روڪ جي روڪي سگهين

شيخ اياز

ھڏ نہ ساھ سڌير، دل درماندي دوست ري
پائي وئي پرتِ جو، زوراور زنجير
جيءُ جسو جاگير، ھاڻي ملڪيت ھوت جي

لطيف

جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

لطيف

مُحبت جون چٺيون ٻَڌي
ڪبوتر اڏايون پيا
ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘!
مِڙئي ڌوڙ پايون پيا

وفا ناٿن شاھي