ھتي ٿي ظلم جي انتھا آھي ، ته اڄ آھي
سؤ فيصد سچ کي سزا آھي، ته اڄ آھي
مدد، نادر، ھلاڪو جو شرم کان، ڪنڌ جھڪيل آھي
قدم قدم تي ٿي ڪربلا آھي، ته اڄ آھي
ابراھيم منشي
رب لکم دينکم ولي دين لکيو
ڪافرن سان وڙهو اُمتي ٿو لکي
سوچ تو جي ڏني، مون به پڇيو کڻي
پوء ڇو فتويٰ ملو ڪفر جي ٿو لکي
آصف جوڻو
ويدن منجھہ سمايل تون، گيتن منجھہ بہ ڳايل تون
ڌرتي دز ڪندو ڪو گهوڙو، ائين امالڪ ايندين تون
خليل ڪنڀار
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي
حليم باغي
سڪرات ۾ ڪو ڪجهه ٿو گهري، آهي ڪو؟
انصـاف جـو بـوتـو ٿـو ڀُـري، آهـي ڪو؟
هـن هـيڏي جهـان، ٽـن اربـن ماڻـهن ۾ -
انـسان کي انـسان ٿـو ڦري، آهي ڪو؟
استاد بخاري
ڪي کوڙ چريا ماڻهو رستي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هوندئي
اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هوندئي
مشتاق ڦل
،مَنَ ۾ ٿاڪَ، تنهنجي نيڻن جا
.چَپ هيراڪَ، تنهنجي نيڻن جا،
راز سرجيا نه سي به ڄاڻن ٿا،
ڇا نه ادراڪ تنهنجي نيڻن جا.
اياز جاني